پاڪستانسنڌ

سانگهڙ لڳ ٻڏي فوت ٿيل نوجوان جو لاش رکي مظاهرو

سانگھڙ: سانگهڙ لڳ پير ڪيهور ۾ سم نالي جي گهاري تباهي مچائي ڇڏي. برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿيل عبدالجبار جي وارثن غلام شبير، زبير حسين، جانب خاصخيلي، اڪبر، جٽ، طارق جٽ، لال محمد ناريجو ۽ ٻين لاش کڻي پريس ڪلب پهچي ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو انتظاميا خلاف نعري بازي ڪئي. هنن چيو ته گذريل ٻن هفتن کان سم نالي کي گهارو لڳل آهي، شڪايتون ڪرڻ باوجود انتظاميا گهارو بند نه ڪرايو، اسان جو نوجوان سيلابي پاڻي ۾ ٻڏي ويو ۽ اسان جا ڪيترائي ماڻهو پاڻي ۾ ڦاٿل آهن، ڪير به سار لهڻ وارو ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته سم نالي جي گهاري کي ٻڌو وڃي ۽ نوجوان جي فوت ٿيڻ جو ڪيس انتظاميا تي داخل ڪيو وڃي. ٻئي پاسي انتظاميا پاران احتجاج کانپو گھاري واري هنڌ جو معائنو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button