پاڪستانسنڌ

ڪراچي کان امداد کڻي ايندڙ گاڏي گولاڙچي ڀرسان حادثي جو شڪار، 2 ڄڻا فوت

گولاڙچي/بدين: ڪراچي کان گولاڙچي ٻوڏ متاثرن جي لاءِ امدادي سامان کڻي ايندڙ مزدا گولاڙچي ڀرسان دبي شاخ وٽ تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ موقعي تي 2 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا فوتين ۾ 45 ورهين جو شاهزيب ڪڇي ۽ 40 سالن جو محمد يونس ڪڇي ۽ زخمين ۾ محمد فيضان ڪڇي، بابر ڪڇي ۽ هارون ڪڇي شامل آهن جيڪي ڪراچي ۾ لياري جي علائق آگرا تاج جا رهواسي ٻڌايا وڃن ٿا. حادثي جو شڪار گاڏي ۾ مجموعي طور تي 13 ڄڻا سوار هئا. فوتي ۽ زخمي جهڏي جي برسات متاثرن جي لاءِ راشن کڻي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش اچي ويو. زخمين موجب حادثو ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب پيش آيو. زخمين کي انڊس اسپتال بدين موڪليو ويو جڏهن ته فوتين جا لاش گولاڙچي تعلقه اسپتال رکيا ويا جيڪي وارث ڪراچي مان اچي کڻائي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button