اسلام آبادپاڪستان

نوازشريف ۽ عمران وچ ۾ پردي پٺيان ملاقات ناهي ٿي:فواد چوڌري

اسلام آباد : پي ٽي آئي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته نوازشريف يا ان جي ڪنهن نمائندي سان پردي پٺيان رابطو يا ملاقات ناهي ٿي. سماجي رابطي جي سائيٽ ٽيوٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته ملڪي سياسي صورتحال جي حوالي سان عمران خان جو موقف چٽو آهي. هن چيو ته عمران خان حقيقي آزادي جي بي مثال تحريڪ جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. ملڪي مستقبل جي معاملن يا فيصلن جو حق ڪنهن ٽولي يا اشرافيا وٽ نه آهي، عوام جي هٿ ۾ آهي. فواد چوڌري چيو ته چونڊن جي تاريخ جي اعلان کانسواءِ ڪنهن ڳجهي ۽ اعلانيل ڳالهين واري عمل جو حصو نه بڻجنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button