ميرپورخاص: سنڌ جي محنت ۽ افرادي قوت واري صوبائي وزير سعيد غني ڪمشنر آفيس ۾ ميرپورخاص ضلعي انتظاميا سان برسات کانپوءِ جي صورتحال بابت اهم اجلاس ڪيو، جنهن ۾ ايم پي أي مير طارق ٽالپر، ايڊيشنل ڪمشنر ڊاڪٽر علي نواز ڀٽ، ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ضلعي، لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن ۽ ٻين تفصيلي بريفنگ ڏني. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته هن وقت اسان کي پي ڊي ايم اي کان 3000 خيما مليا آهن، پر ان جي ضرورت ان کان تمام گهڻي آهي، ان کان علاوه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ضرورت پوندي. ڪيترن ئي متاثر علائقن تائين پهچڻ لاءِ اسان کي ٽرانسپورٽ جي ضرورت آهي، جيڪا آساني سان پاڻي ۾ ٻوڏ متاثرن تائين پهچي سگهي، ميرپورخاص ضلعي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک خيمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته سانگهڙ، کپرو، هنڱورو، ميرپورخاص ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي جي نيڪال لاءِ فوج جي مدد وٺڻي پوندي، پر جيڪڏهن انتظام نه ڪيا ويا ته ان جا اثر تمام خراب ٿي سگهن ٿا، هن سال چانورن سميت ٻيا فصل پوکڻ ممڪن نه هوندا. ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ ٻين ضلعن جي 15 کان 16 لکن ماڻهن کي بچائڻ لا پوائنٽ تي ڪٽ لڳائڻ کان اڳ ۾ 300 کان مٿي ڳوٺن جي 20 هزار کان مٿي ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پوندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close