پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ برسات متاثرن لا طبي ڪئمپ، سوين ماڻهن جي چڪاس

ڪراچي: ڪراچي ۾ عورتن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم مفاد نسوان ويلفيئر فائونڊيشن طرفان برسات سبب متاثرن ٿيل ماڻهن جي مدد لاءِ طبي ڪئمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ سوين ماڻهن کي دوائون، کاڌ خوراڪ ۽ ٻيو سامان ڏنو ويو. موسميات واري علائقي ۾ قائم گورنمينٽ ماڊل اسڪول يونيورسٽي روڊ ۾ مفاد نسوان فائونڊيشن طرفان علامه اوپن يونيورسٽي ۽ چنا ويلفيئر آرگنائيزيشن جي سهڪار سان توسيف انور، حميده رحمان کوکر، عرفان انصاري، ذوالفقار زرداري، مقبول چنا، خليل چنا ۽ ٻين جي نگراني ۾ برسات متاثرن لاءِ ڪئمپ لڳائي وئي. ڪئمپ دوران 8 سئو کان وڌيڪ ماڻهن جو علاج ڪري کين دوائون، راشن ۽ ٻيو سامان ڏنو ويو. ان موقعي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ڪئمپ قائم ڪرڻ جو مقصد برسات متاثر خاندانن جي واهر ڪرڻ آهي، 8 سئو ماڻهن ۾ راشن، دوائون ۽ ٻيو سامان ورهايو آهي. ڪئمپ دوران ڪراچي جي مشهور ڊاڪٽرن ماڻهن جي چڪاس ڪئي. وس وارن توڙي ٻين تنظمين کي گهرجي ته هن ڏک واري گهڙي ۾ متاثر ماڻهن جي واهر ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button