شاهپور چاڪر: شاهپور چاڪر لڳ ڳوٺ سومر وساڻ جي اڀرندي پاسي کان ايل 3 سم نالي کي 50 فوٽ کان وڌيڪ گهارو پئجي ويو، جنهن سبب اڳ ئي پاڻي هيٺ آيل ڳوٺ سومر وساڻ، جان محمد وساڻ، محمد خان انڙ، شيخ محمد ڏاهري، مريد ڏاهري، جمن شاهه ۽ احمد آباد سميت ڪيترائي ننڍا وڏا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهن سبب رهواسي عذاب ۾ اچي ويا. گهارو لڳڻ بعد ڳوٺاڻا گهارو بند ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا. هنن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتي جي نااهلي سبب اڳ ئي سدا واهه مان نڪرندڙ 28 شاخ مسلسل هڪ مهيني کان وهي رهي آهي، جنهن جي ڪري سڄو علائقو پاڻي هيٺ آهي، مٿان وري سم نالو اوور ٽاپ ٿيڻ ڪري ان کي وڏو گهارو پيو آهي، آبپاشي عملو گهارو بند ڪرڻ لا تيار ئي ناهي. واضع رهي ته 2 ڏينهن اڳ سم نالي کي 40 فوٽ گهارو پيو هو، جنهن کي رات دير سان ڳوٺاڻن پنهنجي مدد سان ٻڌي ورتو، پر ڪجهھ ئي مفاصلي تي رات دير سان ٻيو گهارو پئجي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close