پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ واهر نه ٿيڻ ۽ برساتي پاڻي نه ڪڍڻ خلاف مظاهرو

ميرپورخاص : ميرپورخاص ٽائون جي خادم علي شاهه جي يونين ڪميٽي 6 جي وارڊ نمبر 2 ۾ قائم قديمي ڳوٺ مير محمد پنھور مڪمل پاڻي ھيٺ ٻڏل آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي گهرن ۾ برساتي پاڻي بيهڻ سبب رهواسي عذاب ۾ اچي ويا آهن، مڇرن جي آزار سبب ٻار بيمار ٿي رهيا آهن، پر چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا متاثرن جي ڪا مدد ناهي ڪئي. هوڏانهن ڳوٺاڻن تڪ جي ايم پي اي، ايم اين اي، يوسي چيئرمين ۽ وارڊ ڪائونسلر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن محمد عاقب آرائين، امير بخش لغاري، بلاول پنھور، سليمان لغاري، علي رضا آرائين ۽ ٻين صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته برساتن سبب مڪمل ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل آھن، جڏھن ته ڪيترن ئي گھرن ۾ برساتي پاڻي داخل ٿيڻ سبب علائقي واسي اذيتن واري زندگي گھارڻ تي مجبور بڻيل آهن، ووٽ وٺڻ مھل چونڊيل نمائندا اچن ٿا، پر ھن وقت ڪو سار لھڻ وارو ن آھي، گھرن ۾ راشن نه ھجڻ سبب ڪيترائي خاندان فاقاڪشي واري زندگي گھارڻ تي مجبور بڻيل آهن، مڇرن جي آزار سبب مليريا ۽ ٻيون وبائي بيماريون پکڙجي رهيون آهن. ھنن وڌيڪ چيو ته تازو بلدياتي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيل پ پ اميدوارن کي بار بار شڪايت ڪئي آهي، پر ڪير به مدد لا لڙي ناهي آيو. ھٿ وٺي ڪجهه بااثر ماڻهن جرواري شاخ مان نڪرندڙ واٽر ڪورسن جو پاڻي اسان جي ڳوٺ ڏانهن ڇوڙ ڪري ظلم ڪري رهيا آهن. ھنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير ۽ ٻين کان گهر ڪئي ته فوري طور برسات متاثر ڳوٺاڻن جي سھائتا ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button