پاڪستان

ٻوڏ وڌيڪ 26 حياتيون ڳڙڪائي وئي، وزيراعظم طرفان عالمي ادارن کان مدد جي اپيل

سڄي ملڪ ۾ هلندڙ ٻوڏ جي لهر 12 معصوم ٻارن سميت وڌيڪ 26 حياتيون ڳڙڪائي وئي، وزيراعظم شهباز شريف ٻارن سميت لکين متاثرن جون حياتيون بچائڻ لا يونيسيف ۽ ٻين عالمي ادارن کان مدد جي اپيل ڪئي آهي. نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪو آرڊينيشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مختلف واقعن سبب ٻارڙن سميت وڌيڪ 26 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا ۽ 11 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن، جنهن بعد 14 جون کان وٺي هيل تائين فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 1290 ٿي ويو آهي، جن ۾ 570 مرد، 259 عورتون ۽ 453 ٻار شامل آهن، سڄي ملڪ ۾ 3 ڪروڙ 30 لک 46 هزار 329 ماڻهو برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿي چڪا آهن. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف اپيل ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جي خطرناڪ صورتحال سبب معصوم ٻارن جون حياتيون بچائڻ لا گڏيل قومن جو ادارو يونيسيف ۽ ٻيا ادارا امداد ڏين، ٻوڏ جي تباهي سبب سڀ کان وڌيڪ ٻار متاثر ٿي رهيا آهن، بدقسمتي سان هيل تائين پاڪستان ۾ 400 ٻار ٻوڏ سبب فوت ٿي چڪا آهن، ٻوڏ لکين گهر تباهه ڪري ڇڏيا، خطرناڪ وهڪرن جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، ماڻهن جا ڍور ڍڳا لڙهي ويا ۽ تيار فصل تباهه ٿي ويا آهن. وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي ڪڇي ۾ روڊن رستن جي بحالي واري ڪم ۾ مصروف مزدورن لا حوصلا افزائي طور 50 لک رپين جو اعلان ڪندي چيو ته سڀني ماڻهن بحالي واري ڪم ۾ محنت ڪئي آهي، تنهن ڪري کين شاباس ڏيان ٿو، متاثر ٿيل روڊ رستا جيترو جلد ٿي سگهي بحال ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button