پاڪستان سپر فور مرحلي ۾ ڀارت کي دلچسپ مقابلي بعد 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي گذريل ناڪامي جو بدلو وٺي ڇڏيو، محمد رضوان جي ففٽي ۽ محمد نواز جي طوفاني اننگز جي نتيجي ۾ پاڪستان 182 رنسن جو هدف 20هين اوور جي پنجين بال تي پورو ڪري ورتو، هاڻي پاڪستان کي فائنل ۾ پهچڻ لا افغانستان ۽ سريلنڪا جي ٽيمن خلاف ايندڙ مئچن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪاميابي گهربل آهي. دبئي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان جي سوڀ جا هيرو رضوان ۽ نواز هئا، نائب ڪپتان محمد رضوان 71 ۽ نواز صرف 20 بالن تي 42 رنسون ٺاهي ڀارت جي اميدن تي پاڻي ڦيريو، ڪپتان بابر اعظم هڪ دفعو ٻيهر تڪڙو آئوٽ ٿيو ۽ 14 رنسن تائين محدود رهيو. فخر زمان 15 رنسون ٺاهي سگهيو. ان کان اڳ ڀارت جي اننگز ۾ ويرات ڪوهلي سڀ کان وڌيڪ 60 رنسون ٺاهيون. پاڪستاني بالرن مان شاداب خان 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته محمد نواز، حارث رئوف ۽ محمد حسنين هڪ هڪ شڪار ڪيو. آل رائونڊر محمد نواز کي مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو. پاڪستان سپر فور مرحلي ۾ ايندڙ مئچ 7 سيپٽمبر تي افغانستان خلاف کيڏندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close