پاڪستان

ملڪ کي ٻوڏ کان بچائڻو آهي ته وڌيڪ ڊئم ٺاهڻا پوندا: عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ملڪ ۾ وڌيڪ ڊئم ٺاهڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هو ايندڙ آچر تي هڪ ٻي ٽيلي ٿون ذريعي ٻوڏ متاثرن لا ٻيهر اربين رپيا امداد گڏ ڪندو. فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ملڪ کي ٻوڏن کان بچائڻو آهي ته اسان کي وڌيڪ ڊئم ٺاهڻا پوندا، تحريڪ انصاف جي حڪومت 50 سالن بعد 10 ڊئم ٺاهيا، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لا وڻڪاري به ضروري آهي، ملڪ ۾ ڊرينيج جي نظام کي به ٺيڪ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان ملڪ اندر ناڻي ۾ واڌ ۽ ڪرپشن ۾ گهٽتائي آندي، پيٽرول جي قيمت به گهٽ رکي هئي ته جيئن عوام تي بار نه پوي، اسان جي دور ۾ بجلي سستي هئي، گذريل چئن مهينن ۾ مهانگائي آسمان تي پهچي وئي ۽ معيشت زمين تي ڦهڪو ڪيو آهي، آءِ ايم ايف چئي ڇڏيو آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي اڃا وڌندي. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي خراب معاشي حالتن جو وڏو سبب حڪومتي ڪرپشن آهي، قوم ملڪ مٿان چور مڙهڻ تي جواب گهري رهي آهي، چورن ايندي ئي 1100 ارب رپين جي چوري معاف ڪرائي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button