پاڪستانسنڌ

سنڌڙي جي ڪنگهل ڍنڍ ۾ پاڻي ڇوڙ خلاف ڌرڻو، مسافرن تي تشدد

سنڌڙي: سنڌڙي ۾ ڪنگهل ڍنڍ ۾ سانگھڙ ضلعي جو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ ۽ هيٺ بااثرن پاران ڪنگھل کي بند ڏيڻ خلاف لال خان شاخ جي سوين ڳوٺن جي رهواسين بااثر ڌرين خلاف کپرو-ميرپورخاص روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي، جنهن سبب ٽرئفڪ جام ٿي وئي، مسافرن کي نه ڇڏڻ ۽ مٿن مبينا طور تشدد ڪرڻ تي فائرنگ ڪئي وئي. خبر موجب ڪنگھل ۾ سانگھڙ جي پيرومل ۽ کپرو ايريا جو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ ۽ اڳيان پاڻي کي بند ڏئي بند ڪرڻ خلاف لال خان شاخ جي رھواسين کپروـميرپورخش روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ئي ڌرڻو هنيو ۽ انتظاميا خلاف روڊ بلاڪ ڪري نعريبازي ڪئي، جنهن سبب گاڏيون بيهجي ويون. الهرکيو مري، گُلو مري ۽ ٻين دانهون ڪندي چيو ته سانگهڙ کان پيرومل وٽ کپرو-سانگهڙ جي مين روڊ کي غير قانوني ڇنڊڻ رکي پاڻي ڇوڙ ڪري اسان جي سوين ڳوٺن کي ٻوڙايو ويو آهي، ڪنگھل ڍنڍ جي پاڻي ۾ روز اضافو پيو ٿئي. هنن الزام هڻندي چيو ته اسان کان هيٺ پاڻي جو نيڪال ھڪ بااثر شخص ڪرڻ نٿو ڏي، اسان جا گهر تباهه ٿي ويا آهن، زمينون ۽ فصل ختم ٿي ويا، چوپايو مال مري رهيو آهي ۽ اسان دربدر آهيون. معاملي جو فوري طور نوٽيس ورتو وڃي ۽ پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي. جڏھن ته 5 ڪلاڪ کان ھلندڙ مظاھري ۾ ڦاٿل گاڏين کي واپس به نه ڇڏيو ۽ مبينا طور ڪيترن ئي مسافرن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، مظاهرو ڪندڙن مسافرن کي لٺيون هيون، فوج جي رٽارڊ اھلڪار علي نواز شر ۽ حاجي شر جي فئملي کي واپس وڃڻ کان روڪڻ تي منھن ماري ٿي پئي، جنهن دوران مظاھرين مٿن تشدد ڪيو، رٽائرڊ اهلڪار مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لا فائرنگ ڪئي، اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي کي گرفتار ڪري ورتو. مظاھرين پسٽل کسي پوليس کي ڏنو. هوڏانهن 5 ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي سنڌڙي سنڌڙي، ڦلھڏيون ۽ دلبر مھر ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ پوليس نفري سان پھتو، جنھن خاطري ڪرائي روڊ کولرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button