پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۽ ڀرپاسي جا هزارين متاثر ننڌڻڪا، ڪا امداد نه ملي

مسڻ وڏي: يوسي مسڻ، بيگن جروار، سلطان آباد ۽ لانڍي جي برسات متاثرن جي چونڊيل نمائندن ۽ سرڪاري ڪامورن ڪا مدد نه ڪئي. هزارين ٻوڏ متاثر خيمن، راشن، دوائن، صاف پاڻي ۽ ٻين سهولتن لا دربدر ٿي ويا. مسڻ وڏي، قاضي نور محمد لغاري روڊ، عمر ٿيٻو، منو ٿيٻو روڊ، سونو مڱريو جي ڳوٺ ناگناهه شاخ جي ڪپرن، مسڻ ننڍي کان بيگن جروار روڊ، چودڳي کان ٽيل موري روڊ، جراڙ ٿيٻو لانڊي شاخ روڊ، مير واهھ ٽنڊوالهيار روڊ سميت مختلف روڊن تي هزارين ماڻهو پلاسٽڪ سان کٽ ذريعي خيما ٺاهي ويٺل آهن، جن کي 15 ڏينهن گذرڻ باوجود ضلعي انتظاميا راشن، خيما، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ ٻيو سامان ناهي ڏنو ويو. متاثرن وٽ ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي، ايم پي اي امداد پتافي ۽ ٻيو ڪو پ پ اڳواڻ ناهي آيو، نه ئي ڊي سي سميت ڪو ڪامورو مدد ڪرڻ پهتو. ان حوالي سان سدا گل ميگھواڙ، ذوالفقار علي، نظير احمد هرجي ڪولهي، ميرا ٻائي، ڌڻي بخش ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته اڄ ڏينهن تائين اسان جي ڪنهن به واھر ناہي ڪئي، ايم اين اي، ايم پي اي ۽ نه وري ڪو ضلعي ٽنڊوالهيار جو ذميوار عملدار اسان وٽ آيو، نه ڪنهن سماجي تنظيم راشن يا ڪجهه ڏنو آهي. ڳوٺن جا چڱا مڙس پڪل ماني کارائين ٿا، اها هاڻ ڪڏهن ملي ٿي ته ڪڏھن نٿي ملي، مڇرن ۽ بک سبب ٻارن توڙي مال ۾ بيماري ڦھلجي وئي آهي، ڪافي مال مري ويو آهي. هنن وڏي وزير مراد شاھه، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين کان گهر ڪئي ته خيما، راشن ۽ مڇردانيون ڏئي علاج ڪرائڻ لا ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪليون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button