پاڪستان

عمران خان جي توهين جوڳي بيان تي پاڪ آرمي ۾ سخت ڪاوڙ ۽ ڏک آهي: پاڪ فوج

راولپنڊي: پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر چيو آهي ته نازڪ وقت ۾ پاڪ فوج جي سينيئر قيادت کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش انتهائي افسوسناڪ آهي، آرمي ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين جي بيان تي شديد ڪاوڙ ۽ ڏک آهي. آءِ ايس پي آر موجب فيصل آباد ۾ جلسي دوران تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان طرفان پاڪ فوج جي سينئر قيادت جي باري ۾ توهين جوڳي ۽ انتهائي غير ضروري بيان تي پاڪ آرمي ۾ سخت ڪاوڙ ۽ ڏک ڇانيل آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هڪ اهڙي وقت ۾ پاڪ فوج جي سينئر قيادت کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش انتهائي افسوسناڪ آهي، جڏهن پاڪ فوج جا جوان قوم جي سيڪيورٽي ۽ حفاظت جي لاءِ روزاني جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ فوج کي تڪراري بنائڻ افسوسناڪ آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جي مقرري جو آئين ۾ واضح طريقيڪار موجود آهي ان جي باوجود سينئر سياستدانن طرفان ان عهدي کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش انتهائي ڏکوئيندڙ عمل آهي. پاڪ فوج جي سينئر اڳواڻن جي اهليت ۽ حب الوطني ڏهاڪن جي بي مثال ۽ شاندار فوجي خدمتن مان صاف ظاهر آهي. آءِ ايس آر پي موجب پاڪ فوج جي اعليٰ قيادت کي سياست ۾ ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ۽ آرمي چيف جي مقرري واري طريقيڪار کي تڪراري بنائڻ نه پاڪستان جي مفاد ۾ آهي ۽ نه ئي پاڪ فوج جي مفاد ۾ آهي. پاڪ فوج اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي بالادستي لاءِ پرعزم آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو هو ته موجوده حڪومت 4 مهينن ۾ ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، اهو رڳو ڪرپشن ڪيس ختم ڪرائڻ آيا آهن، اليڪشن کان ڀڄڻ جو مقصد نومبر ۾ مرضي جو آرمي چيف لڳائڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button