پاڪستان

عمران خان خلاف ڊگهيون قانوني ڪارروايون شروع ٿيڻ واريون آهن: خواجا آصف

اسلام آباد: بچاءُ واري واري خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان خلاف ڊگهيون قانوني ڪارروايون شروع ٿيڻ واريون آهن. رپورٽ موجب بچاءُ واري وزير خواجه آصف اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان جلسن ۾ آرمي چيف جي مقرري تي ڳالهيون ڪيون. جڏهن جلسن ۾ اهي معاملا آندا وڃن ته مقرري واري عمل کي نقصان پهچندو. هن چيو ته ڀارت پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هينئر تائين معيشت ۽ دفاع کي حدف رکيو آهي، عمران خان به دفاع ۽ معيشت کي ٽارگيٽ ڪيو. عمران خان جي پاليسين سان ملڪ جي معيشت کي سخت نقصان پهتو. خواجا آصف چيو ته گذريل سال آڪٽوبر کان فوج جي مقررين کي سياسي بڻايو ويو، هنن پاران فوج جي معاملن کي سياسي ٺاهڻ جو عمل جاري آهي. بي اعتمادي واري رٿ کان پوءِ عمران خان لاڳيتو هٿياربند فوج تي تنقيد ڪري انهن جا نالا وٺي رهيو آهي. هن لاءِ جيستائين اقتدار هو ته هر شي صحيح هئي، پر اقتدار وڃڻ کان پوءِ سڀ ڪجهه غلط آهي، عمران هر ڀيري اهو چوندو رهيو ته مون کي سرپرستي گهرجي. خواجا آصف چيو ته گذريل 4 مهينن کان عمران خان معيشت ۽ دفاع تي حملا ڪري رهيو آهي. گذريل ڏينهن هن چيو ته حڪومت پنهنجي مرضي جو آرمي چيف آڻڻ چاهي ٿي ته جيئن حڪومت جي ڪرپشن بچي سگهي، عمران خان ٿري اسٽار آفيسرن مان اهڙن آفيسرن جي موجودگي جي دعويٰ ڪري رهيو آهي جيڪي ڪرپشن کي تحفظ ڏيندا. دفاع واري وزير چيو ته ڪنهن سياستدان جو تحفظ فورسز جي ذميواري نه هوندي آهي، عمران خان سميت ڪنهن کي به فوجي قيادت کي تڪراري نه بنائڻ گهرجي. عمران خان هر ڀيري پنهنجي سياست کي تحفظ ڏيڻ لاءِ هنن کان مدد گهري رهيو آهي. فورسز شهادتون ڪرپشن بچائڻ لاءِ ناهن ڏينديون. عمران خان کي صرف پنهنجي سياست ۽ اقتدار جو اونو آهي. هن وڌيڪ چيوته عمران خان خلاف هاڻ ڊگهيون قانوني ڪارروايون شروع ٿيڻ واريون آهن. اسان جا قانوني ماهر ان جو جائزو وٺي رهيا آهن. عمران خان خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ڪيترين ئي مالي بي ضابطگين کي سامهون آندو آهي، پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو هن لاءِ مسئلا پيدا ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button