پاڪستان

پ پ ۽ ن ليگ جي پارٽي فنڊن جي جاچ لاءِ درخواست شنوائي لاءِ مقرر

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي پارٽي فنڊن جي جلد جاچ لاءِ درخواست شنوائي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله اڄ پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب جي درخواست تي شنوائي ڪندو. فرخ حبيب طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پارٽي فنڊن جي اسڪروٽني بابت سپريم ڪورٽ جو حڪم موجود آهي، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي رڳو ٽن ورهين جي فنڊن جي اسڪروٽني ڪئي پئي وڃي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اڪبر ايس بابر جي درخواست تي پي ٽي آءِ پارٽي فنڊن جي اسڪروٽني 2008ع کان ڪئي وئي، ٻين سياسي پارٽي جي ڀيٽ ۾ تحريڪ انصاف اسان متڀيد وارو ورتا ڪيو ويو. درخواست گذار چيو ته اليڪشن ڪميشن پارٽي فنڊن جي اسڪروٽني بابت پنهنجو منصفاڻو ۽ شفاف ڪردار وڃائي ڇڏيو، عدالت اليڪشن ڪميشن کي پيپلز پارٽي، ن ليگ جي پارٽي فنڊن جي اسڪروٽني ٻن هفتن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت پيپلز پارٽي، ن ليگ جي پنج سالا پارٽي فنڊن جي اسڪروٽني جو حڪم ڏئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button