پاڪستانسنڌ

مورو ڀرسان جوابدار گوليون هڻي ڳوٺاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو

مورو: مورو ويجھو ڳوٺ خان محمد سولنگي ۾ هٿياربند شاهن ڀٽو ڳوٺ صفر ڍلو جي رهواسي گلزار ڀٽو کي پستول جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کي ڳوٺاڻن تعلقي اسپتال مورو آندو. قتل جي اطلاع تي پوليس ۽ سندس وارث تعلقي اسپتال پھچي ويا. جڏهن ته مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻي پاسي مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ان موقعي تي مقتول گلزار ڀٽو جي پٽ ذاڪر ڀٽو ٻڌايو ته شاھن ڀٽو منھنجي پي گلزار ڀٽو کي ڳوٺ خان محمد سولنگي ۾ گھرائي قتل ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. آخري اطلاعن تائيین قتل ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button