پاڪستانسنڌ

مورو ڀرسان ڳوٺ کي هٿ سان ٻوڙڻ خلاف جسم جو مظاهرو

مورو: مورو ڀرسان ڳوٺ سردار خان لنڊ کي بااثر وڏيري پاران ٻوڙائڻ ۽ ڳوٺ ۾ بيٺل پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف جيئي سنڌ محاذ ۽ ڳوٺ سردار خان لنڊ جي رهواسين ضلعي اڳواڻ ابرار مورائي، ظهير ڍلو، نعمان لنڊ، وقار راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڳوٺ سردار خان لنڊ کي تر جو بااثر وڏيرو پنھنجي ڪمند بچائڻ لا ڳوٺ کي ٻوڙائي رهيو آهي، سرڪاري واٽر بند ڪرڻ سبب ڳوٺ جي مين رستي تي 3 کان 4 فوٽ پاڻي بيھي رهيو آهي، جنهن سبب اچ وڃ ۾ پڻ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان فوري طور تي بااثر وڏيري خلاف قدم کڻڻ جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button