سنڌ

ادارن ۽ جرنيلن کي عمران جي حوس لا تڪراري بڻجڻ نه ڏينداسين: آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان ادارن ۽ جرنيلن کي عمران خان جي حوس خاطر تڪراري بڻجڻ نه ڏينداسين. بلاول هائوس ميڊيا سيل ۾ جاري ڪيل بيان ۾ هن پي ٽي آئي چيئرمين جي گذريل ڏينهن جي پاڪ فوج بابت تقرير تي تنقيد ڪئي آهي. اڳوڻي صدر چيو ته سموري قوم کي نظر اچي رهيو آهي ته هن قوم جو فتنو ڪير آهي، اڄ سڀني کي انسان ۽ حيوان ۾ فرق سمجهه ۾ اچي ويو آهي. هن چيو ته اسان جي هر سپاهي کان وٺي جرنيل تائين هر هڪ بهادر ۽ محب وطن آهي. آصف زرداري چيو ته عمران خان ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جو ڪنهن کان ٺيڪو ورتو آهي پر ائين اسان جي حياتي ۾ نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته پوري قوم هن وقت ٻوڏ متاثرن سان گڏ بيٺي آهي انهن جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ هي شخص جلسا ڪري رهيو آهي، اڳوڻي صدر چيو ته خيبر پختونخوا ۽ پنجاب ۾ به صرف وفاقي حڪومت نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته خيبر پختونخوا ۽ پنجاب جون صوبائي حڪومتون رڳو جلسن جي تيارين ۾ مصروف آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button