سنڌ

منڇر ڍنڍ کي هڪ وڌيڪ ڪٽ،بوبڪ،جعفرآباد ۽ آراضي ٻوڏ جو شڪار

آبپاشي کاتي منڇر ڍنڍ کي بوبڪ ڀرسان آر ڊي 50 کان 52 تائين هڪ ٻيو ڪٽ هڻي ڇڏيو آهي، جنهن کانپو بوبڪ، جعفرآباد، آراضي شهر جي هر طرف پاڻي جمع ٿي ويو آهي، جعفرآباد ۽ بوبڪ واسي گهرن ۾ ڦاٿل رهيا. منڇر ڍنڍ جي ڪناري تي قائم ڳوٺ مولابخش ملاح، ڳوٺ ملوڪ ملاح، مياڻي، آريسرا، حمزو بوزدار، شادي خان بوزدار، ڳوٺ بنگل خان بوزدار پاڻي جي گهيري هيٺ اچي ويا آهن. جڏهن ته شهباز ايئرپورٽ سيوهڻ به منڇر جي پاڻي سبب ٻڏي ويو آهي. ٻوڏ جو پاڻي پارڪو ڪمپني جي ديوارن سان ٽڪرائجي ويو هو، وهڪرو تيز هجڻ سبب رات دير سان پاڻي انڊس ها وي روڊ کي اوور ٽاپ ڪري رهيو هو، جڏهن ته ٻوڏ سبب ڳوٺ ننگر خان بروهي، ڳوٺ يوسف جمالي، ڳوٺ رمضان پنهيار، ڳوٺ ڪوٽ وارا بروهي به ٻڏي ويا آهن. منڇر جو پاڻي يوسي چنا ۽ يوسي آراضي جي ڳوٺن طرف وڌڻ لڳو آهي. ڄاڻايل يوسيز جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا هئا پر ضلعي انتظاميه صرف دعوائن ۾ مصروف رهي. رهواسي ڳوٺن ۾ ڦاسي پيا آهن. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ باغ يوسف آر ڊي 14 کان منڇر کي ڪٽ ڏنو ويو، ان باوجود منڇر جي پاڻي ۾ گهٽتائي نه ٿي سگهي. باغ يوسف وٽان ڪٽ ڏيڻ دوران منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي سطح 123 آر ايل تائين هئي، جيڪا ڪٽ بعد 3 فوٽن جي واڌ بعد پاڻي سطح 126 آر ايل ٿي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button