سنڌ

عالمي بئنڪ طرفان 9 ڪروڙ 30 لک ڊالر منظور

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسٽر ناجي بنهاسن سان ملاقات ۾ صوبي ۾ ٻوڏ جي تباهي بابت “سنڌ ڪيس” اڳيان رکيو ۽ 9 ڪروڙ 20 لک ڊالر جي منظوري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جيڪا رقم عالمي بئنڪ جي مختلف منصوبن مان متاثر ماڻهن جي امداد ۽ بحاليءَ تي خرچ لاءِ ڪڍي ويندي. وڏي وزير آبپاشي ۽ نيڪال جي نيٽ ورڪ جي بحاليءَ جو ڪيس پڻ پيش ڪيو، جنهن تي اٽڪل هڪ ارب ڊالر لاڳت ايندي، جنهن لاءِ ورلڊ بئنڪ جي ٽيم نقصانن جو جائزو وٺي ڪيس کي بورڊ آڏو منظوري لاءِ پيش ڪندي. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت پاران ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، چيئرمين سنڌ روينيو بورڊ آصف ميمڻ ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي، جڏهن ته ورلڊ بينڪ جي ٽيم ۾ مئنيجر آپريشنز گيلوئس ڊريگلز، سيڪٽر ليڊر عبدالرزاق، پروگرام ليڊر ٽوبياس، سينيئر اسپيشلسٽ ۾ احسن تحسين، ڪامران اختر، عليد انور، انجم احمد ۽ ٻين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ جولاءِ کان آگسٽ 2022 جي چوماسي مند ۾ گهڻي برسات پئي، جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته جولاءِ جي برساتن جي نتيجي ۾ سراسري برسات 308 سيڪڙو وڌيڪ آهي ۽ آگسٽ جي سراسري برسات کان 784 سيڪڙو وڌيڪ آهي. هن وڌيڪ چيو ته 2010ع جي ٻوڏ سنڌو درياءَ جي رڳو ساڄي ڪپ کي متاثر ڪيو، جنهن جو وڏو سبب پاڪستان جي اتر کان وڏا ساحلي وهڪرا آيا هئا، جنهن ۾ 414 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا جڏهن ته 2011ع جي ٻوڏ سبب سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪپ تي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا. مراد علي شاهه چيو ته 2011ع جي ٻوڏ جي نتيجي ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) ۽ ورلڊ بينڪ (ڊبليو بي) نقصانن ۽ ضرورتن جو جائزو (ڊي اين اي) ڪرائيندي مجموعي نقصان جو ڪاٿو 324 ڏهائي 5 ارب رپيا لڳايو. سڄي ملڪ ۾ سنڌ کي سڀ کان وڌيڪ 310 ڏهائي 7 ارب رپين جو نقصان ٿيو. مراد علي شاهه چيو ته بدقسمتيءَ سان هاڻوڪي برسات وڌيڪ تباهي آندي آهي ۽ صوبي جا 30 ضلعا سڌي ريت وڏي پئماني تي متاثر ٿيا آهن. وڏي وزير چيو ته اوچتو برسات نه رڳو جاني نقصان ڪيو آهي پر مال ملڪيت، انفراسٽرڪچر سميت روڊن، چوپائي مال ۽ زرعي پوک کي گهڻو نقصان پهچايو آهي ۽ اڃا به وڌيڪ نقصان ٿي رهيو آهي. وڏي وزير چيو ته ابتدائي ڪاٿي موجب صوبي کي 860 ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پڪ اٿم ته اصل ۾ نقصان ابتدائي ڪاٿي کان گهڻو آهي، جيڪو سڄي صوبي ۾ ٿيل نقصان جي هڪ جامع سروي کانپوءِ معلوم ٿيندو. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سندس حڪومت 23 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو آهي جن ۾ 101 تعلقا ۽ 5718 ڳوٺن سميت 15 لک کان وڌيڪ گهر، 11734 ڍور ۽ 3171726 ايڪڙ تيار فصل مڪمل طور تباهه ٿي. هن چيو ته سندس حڪومت کي تباهه ٿيل علائقن کي بچائڻ، تحفظ ۽ بحالي لاءِ فنڊن جي سخت ضرورت آهي. وڏي وزير تجويز ڏني ته 57 ملين ڊالر ورلڊ بئنڪ جي منصوبن لاءِ رکيل فنڊنگ کي ٻيهر مختص ڪيو وڃي، جن ۾ 27 ملين ڊالر CLICK، 8 ملين ڊالر زرعي منصوبن ۽ 22 ارب رپيا PDMA جا شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته اهي فنڊ ٻوڏ رليف لاءِ خرچ ڪئي ويندي. مراد علي شاهه چيو ته وڌيڪ 35 ملين ڊالر جن ۾ 25 ملين ڊالر KWSSIP ۽ 10 ملين ڊالر سليڪٽ (ايجوڪيشن) پراجيڪٽ جا آهن، اها پڻ بحالي جي ڪمن لاءِ ٻيهر مختص ڪري سگهجي ٿي. ان تي ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسٽر ناجي بنهاسن وڏي وزير جي تجويز سان اتفاق ڪندي چيو ته هو رقم ٻيهر مختص ڪري جلد ايڊوائيس جاري ڪندو. چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي اجلاس کي متاثرن جي گهرن کي ٿيل نقصان بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته گهرن کان محروم ٿيل ماڻهن جي بحالي لاءِ 15 لک گهر تعمير ڪيا ويندا. وڏي وزير چيو ته 15 لک گهرن جي تعمير سان روزگار جا موقعا پڻ پيدا ٿيندا ۽ متاثر ماڻهن جي مالي مدد پڻ ٿيندي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ورلڊ بئنڪ جي نمائندي چيو ته موسمياتي خطرن کي گهٽائڻ لاءِ آبهوا موجب نئين ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻو پوندو، جنهن سان مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن هڪ معياري بنيادي يونٽ تي ٻڌل ٻوڏ کان بچڻ لاءِ هائوسنگ حل تجويز ڪيو، جنهن لاءِ هنرمندن ۽ فائدو وٺندڙن کي سکيا ڏني ويندي. وڏي وزير چيو ته تباهه ٿيل گهرن جي ٻيهر تعمير لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 500 ملين ڊالرن جي ضرورت آهي. ان تي ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري چيف مسٽر ناجي بنهاسن چيو ته عالمي بينڪ تباهه ٿيل گهرن جو جائزو وٺي پوءِ صوبائي حڪومت جي درخواست تي منظوري لاءِ بورڊ جي اجلاس ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندو. مراد علي شاهه اهو پڻ چيو ته سندس حڪومت زراعت جي شعبي کي بحال ڪرڻ جي خواهشمند آهي، جنهن لاءِ کين آبپاشي ۽ نيڪال جي نظام جي بحالي لاءِ 500 ملين ڊالرن جي ضرورت آهي. ورلڊ بينڪ جي ملڪي سربراهه چيو ته زرعي شعبي جي بحالي صوبائي معيشت لاءِ اهم آهي. هن وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته سندس ٽيم نقصان جو جائزو وٺي صوبائي حڪومت جو ڪيس منظوري لاءِ سندس بورڊ آڏو رکندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button