پاڪستان

وزيراعظم قمبر پهچي ويو، ٻوڏ متاثرن جي امدادي رقم وڌائي 70 ارب رپيا ڪرڻ جو اعلان

وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي رقم 28 ارب مان وڌائي 70 ارب رپيا ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مون سکر کان قمبر- شهدادڪوٽ ضلعي تائين صرف پاڻي ئي پاڻي ڏٺو آهي، هاڻوڪي ٻوڏ 2010ع واري ٻوڏ کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آهي، اسان وٽ وسيلا گھٽ، تباھي ۽ نقصان وڌيڪ آھي، متاثرن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن اهڙو اظهار سنڌ جي ٻوڏ متاثر ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، ايم پي ايز سردار خان چانڊيو، نادر مگسي ۽ ٻيا گڏ هئا. وزيراعظم سکر کان هيليڪاپٽر ذريعي قمبر ضلعي جو فضائي دورو ڪري ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو. هن رليف ڪئمپن ۾ ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ امدادي رقم جا چيڪ پڻ ورهايا. شهباز شريف ٻوڏ جي صورتحال بابت ڳالهائيندي چيو ته قمبر ضلعي سميت سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ سبب وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، جنهن تي مون کي تمام گهڻو افسوس آهي، هي وقت سياست ڪرڻ جو نه آهي، اسان کي متاثرن جي سهارو بڻجي خدمت ڪرڻ گهرجي، ملڪ جي چئني صوبن مان سنڌ ۾ برساتن وڌيڪ تباھي مچائي ۽ عوام کي سخت تڪليف رسائي آھي، قمبر- شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ساريالو فصل تباھه ٿي ويو ۽ گھر ڊھي پيا آھن، متاثرن جو قيمتي سامان ۽ مال متاع لڙھي ويو آهي، ھن وقت متاثرن کي خيمن ۽ مڇردانين جي سخت ضرورت آھي، کين ترت گهڻي مقدار ۾ خيما ۽ مڇر دانيون مھيا ڪري ڏينداسين، هن وقت اسان وٽ وسيلا محدود ۽ مسئلا گھڻا آھن، اهڙي صورتحال ۾ عوام جي خدمت ڪرڻ چئلينج برابر آهي، سنڌ جو وڏو وزير نوجوان آھي ۽ بلاول ڀٽو زرداري به نوجوان آھي، ٻنھي برسات متاثرن جي رليف ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، ٻوڏ ۾ وڌيڪ تباھي ۽ عوام جي اھنجن کي نظر ۾ رکي وفاقي سرڪار ٻوڏ متاثرن جي رليف فنڊ ۾ به اضافو ڪيو آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي متاثرن جي رکيل رقم 28 ارب رپين مان وڌائي 70 ارب رپيا ڪري ڇڏي آهي، ٻوڏ متاثرن کي 25- 25 هزار رپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ڏنا پيا وڃن ۽ بحالي واري مرحلي ۾ سندن وڌيڪ مدد ڪنداسين، کين گھر ٺاھي ڏنا ويندا ۽ فصلن جي تباهي جو پڻ ازالو ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ وفاقي سرڪار ۽ صوبائي حڪومت گڏجي متاثرن جي مدد ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ھي وقت سياست ڪرڻ نه پر ٻوڏ متاثرن جي گڏجي خدمت ۽ کين رليف پھچائڻ جو آھي. شهباز شريف قمبر ۾ ٽينٽ سٽي جي دوري دوران ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪري کين يقين ڏياريو ته سندن ٻيھر بحالي ۽ مالي سهائتا لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button