سنڌ

سن ڀرسان ڳوٺاڻن جو اريگيشن کاتي خلاف احتجاجي مظاهرو

سن ڀرسان يوسي شالماڻي جي ڳوٺ وڏا ڇڇر جو بچا بند سياسي بنيادن جي ور چڙهڻ ۽ اريگيشن کاتي خلاف ڳوٺاڻن مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي منٺار ڇڇر، گلاب ڇڇر، رسول بخش ڇڇر، ڪريم بخش عثمان ڇڇر چيو ته ھڪ مھيني کان پنهنجي مدد پاڻ تحت بچا بند ۾ مٽي وجھي مضبوط ڪري رهيا آهيون پر ڪجھه وڏيرا بچا بند تي سياست ڪري رهيا آهن. اهي ڪم ۾ رڪاوٽون وجهي رھيا آهن. اريگيشن کاتي جي سروير خالد قريشي کي بار بار چوڻ باوجود مشينري نه ملي سگهي آهي، جنهن ڪري بند ٽٽي پيو آهي. ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي. اسان جا گھر پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن. ڪيترائي گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آهن. ڳوٺاڻا دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ھنن چيو ته ڊي سي ڄامشورو جو چوڻ آهي ته 32 ھزار ٽينٽ ڏنا آهن پر عوام ته نٽهڻ اس ۾ ويٺو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button