پاڪستان

وزيرستان ۾ ڪيپٽن سوڌو 5 فوجي جوان شهيد،4 دهشتگرد مارجي ويا

اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن سان ويڙهه ڪندي پاڪ فوج جي ڪيپٽن سميت 5 جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 4 دهشتگرد پڻ مارجي ويا آهن. آ ايس پي آر مطابق اتر وزيرستان جي علائقي بويا ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، ان دوران ٻنهي پاسن کان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، دهشتگردن سان مقابلي ۾ پاڪ فوج جو ڪيپٽن عبدالولي، نائب صوبيدار نواز، حوالدار غلام علي، لانس نائيڪ الياس ۽ سپاهي ظفر الله شهادت ماڻي آهي. آ ايس پي آر موجب آپريشن ۾ مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود هٿ آيو آهي، اهي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪاررواين ۽ شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button