پاڪستانسنڌ

عمران خان ادارن تي تنقيد ڪئي، ملڪ خلاف وڏي سازش سٽي رهيو آهي: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد: صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ ۽ رين ايمرجنسي حيدرآباد جي فوڪل پرسن شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته حيدرآباد ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل گهرن جي ٻيهر تعمير آباد تنظيم ۽ ايوان صنعت و تجارت حيدرآباد گڏجي ڪندا ۽ ان عمل جي نگراني آباد تنظيم ڪندي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ جوائنٽ ڪميٽي جوڙي هڪ اڪائونٽ ٺاهيو ويندو ۽ ان ۾ سڀ کان پهرين سياستدان پنهنجو عطيو جمع ڪرائيندا ته جيئن اسين گڏيل ڪوششن سان پنهنجي حيدرآباد جي رهواسين کي اجهو فراهم ڪري سگهون. هو ڪالهه حيدرآباد ۾ ايوان صنعت و تجارت ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته ايتري وڏي تباهي کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت تي تمام وڏو بار آهي، ڇاڪاڻ ته روزانو متاثرن کي تيار ڪيل کاڌو ۽ طبي سهولتون مهيا ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته وڌيڪ ايندڙ متاثرن جي رهائش جو انتظام ڪرڻ جي حوالي سان لاڳاپيل عملدارن سان جلد گڏجاڻي طلب ڪئي ويندي. هن چيو ته حيدرآباد ايوان صنعت و تجارت اڄ رليف ڪيمپن ۾کٽون، وهاڻا ۽ چادرون پهچائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته جيئن جيئن ٻوڏ وارو ريلو اچي رهيو آهي تيئن نقصان وڌي رهيا آهن ۽ نه چاهيندي به منڇر ڍنڍ ۾ ڪٽ لڳائڻو پيو، جنهن سب تعلقي سيوهڻ جون 5 يونين ڪائونسلون متاثر ٿيون ۽ هڪ لک 25 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن. صوبائي وزير چيو ته موجوده برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۾ سرندي وارن ۽ ايوان صنعت و تجارت جو به اهم ڪردار رهيو آهي. هن نقصانن جي حوالي سان تازا انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته هن مهل تائين 570 ماڻهو فوت ٿيا آهن ۽ انهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سان هڪ ڪروڙ 4 لک 68 هزار 392 ماڻهو ۽ 18 لک کان وڌيڪ خاندان متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته فوت ٿيندڙن ۾ 190 مرد، 109 عورتون ۽ 217 ٻار شامل آهن ۽ 6 لک 66 هزار 193 ماڻهو امدادي ڪيمپن ۾ ترسيل آهن. هن چيو ته 41439 چوپايو مال مري چڪو آهي، جڏهن ته 44 لک 26 هزار ايڪڙ ايراضي تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويو آهي. هن چيو ته اهڙين حالتن ۾ حڪومت پنهنجن سمورن وسيلن کان وڌيڪ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته جن متاثرن وٽ چوپايو مال آهي، اهي امددي ڪيمپن بدران روڊن يا جتي به آهن، انهن کي خوراڪ مهيا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هن وقت اسان سڀني کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي ۽ ڪنهن به قوم کي ڪامياب ٿيڻ لاءِ متحد ٿيڻو پوندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته متاثرن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ وزير اعظم پاڪستان سان مسلسل رابطي ۾ آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير جي حيثيت سان جن ملڪن کي مدد جي اپيل ڪئي هئي ۽ انهن وٽان امداد اچڻ جو سلسلو جاري آهي. هن چيو ته گلوبل وارمنگ ۽ موسمي حالتن کان متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ پاڪستان پڻ شامل آهي، ان ڪري هاڻي طرز زندگي بدلجي ويندي ۽ اهڙين حالتن کي نظر ۾ رکندي ئي فصل پوکيا ويندا ڇاڪاڻ ته تازين زوردار برساتن ۾ وونئڻن جو فصل 100 سيڪڙو متاثر ٿيو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته عمران خان تي تبصرو نٿو ڪرڻ چاهيان وقت اچڻ تي سندس بدزباني تي کيس جواب ڏينداسين. هن چيو ته گذريل ڏينهن واري جلسي ۾ عمران خان ادارن تي تنقيد ڪئي آهي ۽ هو ملڪ خلاف وڏي سازش سٽي رهيو آهي ۽ کيس سياست ڪرڻ جي اجازت نه هئڻ گهرجي. صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ اينڊماس ٽرانزٽ ۽ رين ايمرجنسي فوڪل پرسن شرجيل انعام ميمڻ ڪالهه تنڊوڄام نادرا رجسٽريشن مرڪز جو پڻ دورو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button