پاڪستانسنڌ

پ پ حڪومت سنڌ ۾ ڪرپشن جا رڪاڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن: قادر مگسي

حيدرآباد: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته تازين برساتن کانپوءِ سڄي سنڌ خاص ڪري لاڙ وارن علائقن ۾ مليريا، ڊينگي بخار، گيسٽرو ۽ چمڙي جون بيماريون تيزي سان ڦهلجي رهيون آهن. ڳوٺن جا ڳوٺ انهن بيمارين ۾ مبتلا آهن پر سنڌ حڪومت ڪي به جوڳا اپاءَ نه ورتا آهن عوام کي بي يارو مددگار ڇڏيو ويو آهي نه مليريا جي روڪٿام لاءِ ڦوهارا ڪرايا ويا آهن نه وري اسپتالن ۾ ڪنهن قسم جون سهولتون آهن، جنهن سبب معصوم زندگيون تڙپي رهيون آهن. عالمي ادارن کان ايندڙ مڇرن کان بچاءُ وارا مهارا به مقامي وڏيرن جي ور چڙهي ويا آهن، جنهن سبب انهن جي به صحيح طريقي سان ورهاست نه پئي ٿي. ٻئي پاسي برسات متاثرن جي ڪابه سهائتا ناهي ٿي حڪومتي وزير مشير ۽ چونڊيل نمائيندا گهمڻ ۽ فوٽو سيشن تائين پورا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پ پ جي حڪومت سنڌ ڪرپشن جا رڪاڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، چونڊيل نمائيندن جون ٽجوڙيون پئسن سان ڀرجي ويون آهن پر سنڌ جو مسڪين ماڻهو هڪ ويلو ماني کائڻ جي لاءِ پريشان آهي. هن مطالبو ڪيو ته فوري طور ته هنگامي بنيادن تي سنڌ جي متاثر ضلعن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button