سنڌ

ميرو خان ۾ برسات متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ميرو خان ۾ قبو سعيد خان، ڪچي پل، ڳڙهي خيرو،جانوري چوڪ سميت مختلف شهرن کان لڏپلاڻ ڪري ميروخان – شاهه جو لئو روڊ تي کليل آسمان هيٺ ويٺل برسات متاثرن نورنبي جمالي، احسان علي، غلام نبي چانڊيو ۽ ٻين واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن دانهيندي ٻڌايو ته برسات سبب فصل ٻڏي ۽ گهر ڊهي پيا آهن جنهن ڪري برسات ۾ صرف سر بچائي ميرو خان پهتا آهيون. هنن چيو ته ٻن هفتن کان وڌيڪ وقت گذري ويو پر هن وقت تائين اي سي نهيد ميراڻي ۽ مختيار ڪار محمد اسلم مگسي راشن ۽ ٽينٽ نه ڏنو آهي جنهن ڪري ٻچن سميت نٽهڻ اس ۾ کليل آسمان هيٺ بکون ڪاٽي رهيا آهيون. هنن چيو ته اسان جي حال تي رحم ڪري ٽينٽ ۽ راشن ڏنو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button