سنڌ

دوداپور جي ڳوٺن ۾ امدادي ٽيمون نه پهتيون،متاثرن جو احتجاج

دوداپور جي مختلف ڳوٺن ۾ امدادي ٽيمون نہ پھتيون. جيڪب آباد ويجھو ڳڙھي خيرو جي علائقي يوسي محمدپور جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ فيض آباد جکراڻي، ڳوٺ صوفي غلام مصطفيٰ جکراڻي، پريل چاڇڙ، گاجي ٿھيم ۽ رحمت آباد چاڇڙ ۾ ھن وقت تائين ڪا امدادي ٽيم نه پھتي. جتي برسات متاثر بي يار و مددگار ويٺل آھن. جڏھن ته ٻين علائقن وانگر مذڪورہ ڳوٺ به برساتن سبب متاثر آھن، جتي فصلن جي تباھي سان گڏ ڪافي ڪچا گھر پڻ ڊھي پٽ پئجي ويا آھن. متاثرن چونڊيل نمائندن، سياسي ۽ سماجي ادارن کي واھر جي اپيل ڪندي گھر ڪئي ته ھن ڏکئي وقت ۾ سندن سھائتا لا جلد اپا ورتا وڃن، راشن ۽ ٽينٽ ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button