سنڌ

لاڙڪاڻي ايليمينٽري ڪاليج جي پارڪ تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي ايليمينٽري ڪاليج جي پرنسپال استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گڏجي محترمه بينظير ڀٽو ڪاليج جي پرنسپال جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ايليمينٽري ڪاليج جي پرنسپال محمد نواز شيخ صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته ايليمينٽري ڪاليج جو پارڪ اسان جي ڪاليج جي ملڪيت آهي، جنهن تي اڄ صبح جي وقت محترمه بينظير ڀٽو ڪاليج جي پرنسپال امتياز علي شاهه مون سميت منهنجي اسٽاف کي ڌمڪيون ڏيندي پارڪ تي زوري قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جو اطلاع اسان ون فائيو مددگار بيس ۽ حد جي سول لائين ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو پر پوليس ڪا ڪاروائي نه ڪئي، جنهن مان اسان کي خطرو آهي، جڏهن ته امتياز شاهه ڪاليج جي پارڪ تي قبضو ڪري مون سميت ڪاليج جي عملي کي نقصان رسايو ويندو. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر امتياز علي شاهه خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button