سنڌ

سجاول جوڻيجو ويجهو برسات متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

سجاول جوڻيجو ويجهو ڳوٺ غوث بخش عمراڻي جي برسات متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف مين نيشنل ها وي تي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن الھورايو عمراڻي، ممتاز عمراڻي، رحيم بخش، جاڳڻ عمراڻي ۽ ٻين دانھيندي چيو ته برساتون پوڻ سبب فصلن سان گڏ اسان جا گھر پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن، مصيبت ڏکين حالتن باوجود تڪ جو چونڊيل ايم پي اي گھنور اسراڻ ڪا مالڪي نه ڪئي آھي. سجاول جوڻيجو جو اسسٽنٽ ڪمشنر نويد کوکر ۽ مختيارڪار عبدالوحيد جوکيو مليل راشن ۽ ٽينٽ پڻ ڀوتارن ۽ وڏيرن حوالي ڪيا آھن، غريب ماڻھن جي ھن وقت تائين ڪا مدد نه ڪئي وئي آھي، جنھن ڪري سخت پريشانين کي منھن ڏئي رھيا آھيون. ھنن ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ کان گھر ڪئي ته ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرائي فوري طور تي واهر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button