سنڌ

متاثرن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري رهيا آهيون:گهنور اسراڻ

ميروخان مان چونڊيل ايم پي اي گهنور خان اسراڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته بلوچستان مان ايندڙ پاڻي ۽ سنڌ ۾ پوندڙ شديد برساتن سبب ضلعي قمبر شهدادڪوٽ کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي، منهنجي تڪ جي ميرو خان، بهرام شهر سميت ڳوٺن ۾ وڏي تباهي ٿي آهي. ميرو خان ويجهو لڳل مين ڊرين شهدادڪوٽ جو گهارو انتظاميا کي فوري طور تحرڪ ۾ آڻي بند ڪرايو آهي، جنهن ڪري ميروخان شهر محفوظ رهيو آهي، ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ جي حوالي سان اسان فوج ۽ نيوي جي مدد سان متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته متاثر ماڻهن کي ٽينٽ، کاڌ خوراڪ پهچائڻ ۾ وس آهر ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، زميني رابطا ڪٽجڻ سبب مشڪلاتون آهن. ميرو خان، سجاول جوڻيجو ۽ قمبر تعلقي ۾ ٽينٽ ۽ راشن پهچايو آهي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊائريڪٽر کي چيو آهي ته بند پيل اڪائونٽ کولي ۽ متاثرن لاءِ آيل پئسن مان ڪا ڪٽوتي نه ڪئي وڃي. برسات ۽ ٻوڏ جي پاڻيءَ سبب اسان جي زراعت تباهه ٿي وئي آهي، ماڻهن جا گهر ڪري پيا ۽ مال مري ويا آهن. سنڌ حڪومت جلد سروي ڪرائي پنهنجي ماڻهن جي ڀرپور مدد ڪندي هن چيو ته ڪجهه ماڻهو ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي رستا روڪ ڪري ريسڪيو واري عمل ۾ خلل وجهي رهيا آهن. هي وقت سياست ڪرڻ جو ناهي، اسان هن وقت آفت واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون، سڀني ماڻهن کي گهرجي ته گڏجي متاثرن جي مدد ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button