سنڌ

قبو سعيد خان ۾ سيف الله مگسي برانچ کي لڳل گهارو بند

قبوسعيد خان ۾سيف الله مگسي برانچ کي قبي شھر طرفان 200 فوٽن کان به وڌيڪ لڳل گھارو وارڊ نمبر هڪ جي ڪائونسلر مير غلام اصغر خان مگسي سماجي شخصيت مير عاشق خان مگسي لياقت کوسو, وڏي مڙسي ڪري لڳل گھاري کي پنھنجي مدد پاڻ تحت مڪمل بند ڪرائي ڇڏيو. هنن جو چوڻ آھي اسان ھميشه ڏکي وقت ۾ علائقي واسين جو ساٿ نڀايو آهي، اسين شھرين سان ھر موڙ تي گڏ آھيون، جتي به کين اسان جي ضرورت پئي اسان ڏينھن ھجي توڙي رات پنھنجي ماروئڙن علائقي جي ڀائرن سان سھڪار ڪنداسين. ھنن چيو ته ٻوڏ قدرتي آفت آھي، کين مڙس ٿي منھن ڏبو. علائقي واسين ۽ قبي جي شھرين کي مايوس ٿيڻ نه ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button