پاڪستانسنڌ

لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن: ثمر حيدر جتوئي

سکر: سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سڄي سنڌ تباهه لڳي پئي آهي، هرڪو پاڻ کي وڏو ليڊر ثابت ڪرڻ چاهي ٿو، عوام بک بدحالي ۾ بي يارو مددگار روڊن تي ترسيل آهي، پي ڊي ايم سرڪار کي 130 ارب روپيا مليا آهن، اهي ڪيڏانهن ويا، عوام کي نه پي ڊي ايم جي فنڊ مان ڪجهه مليو ۽ نه ئي عمران جي فنڊ مان ڪجهه مليو آهي، ماروئڙن جا درد اهنج ڏسي ڏکارا آهيون، انتظاميه جي نااهلي سبب ماروئڙا دربدر آهن ۽ بکن کاٽي رهيا آهن، حڪمران پاڻ ۾ فوٽو سيشن جو مقابلو ڪري رهيا آهن. اڳواڻن چيو ته سنڌ جا هاري تباهه ٿي ڪروڙن جا قرضي ٿي ويا آهن، موجودا سرڪار کان مطالبو ٿو ڪجي ته هارين جا زرعي قرض فوري طور تي معاف ڪيا وڃن، سنڌ هارين، پورهيتن ۽ مسڪينن جي بحالي لا سرڪاري سطح سنجيده قدم کنيا وڃن. اڳواڻن ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت اين جي اوز کي پابند ڪيو آهي ته متاثرن جي مدد اسان جي نگراني ۾ ڪئي وڃي، حڪومت پنهنجي طرفان برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، کربين روپيا ملڪي توڙي غيرملڪي فنڊ ملڻ باوجود خرچ ڪٿي ٿي رهيا آهن ڪا خبر ناهي. اڳواڻن چيو ته آبادگارن، هارين جو لکين ايڪڙ ايراضي تي پوکيل فصل ساريون، وونئڻ، ڪيلا، سبزين جا فصل تباهه ٿي ويا آهن، حڪومت صرف اعلانن تائين محدود آهي، هارين، آبادگارن جي ٿيل نقصان جو فوري طور تي ازالو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button