پاڪستانسنڌ

صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪن: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي خدمت فائونڊيشن ۽ قومي عوامي تحريڪ جو امدادي ڪم جاري، ڪالهه قاسم آباد جي مختلف ڳوٺن ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھه اياز لطيف پليجي ٻوڏ متاثرن وٽ روڊن، جھوپڙين ۽ ڪيمپن تي وڃي راشن بسڪيٽ کير جوس پيمپر پاڻي نمڪو ڪپڙا ۽ ٻيون ضروري شيون، ورهايون. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو ته چوپايو مال مري رھيو آھي، فصل تباھه ٿي ويا آھن، معصوم ٻار بکن ۾ پاھه ٿي رھيا آھن. امداد نه ملي رھي آھي. صوبائي ۽ وفاقي حڪومت، اين ڊي ايم اي ۽ ضلعي انتظاميا فوري طور ڪردار ادا ڪن. عالمي اين جي اوز اڳتي اچن. برسات ۽ سم نالين جي گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري اربين روپين جا فصل ختم ٿي ويا آھن. آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ٿيو آھي.

مسلسل پاڻي بيھڻ ڪري محنت سان تيار ڪيل ڪمند، سارين، وونئڻ، مرچ سميت ٻيا فصل سڙي ويا آھن، ايندڙ فصل ڪڻڪ لاءِ به زمين خراب ٿي وئي آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته حڪمران سکڻا بيان ۽ فوٽو سيشن ڇڏي ڏين، کربين روپين جي ڪرپشن مان ڪجھه خرچ ڪري برسات ٻوڙيل ماڻھن ۽ چوپائي مال کي بچايو وڃي. سنڌ جو عوام پاڙيسري ملڪ مان ناھي آيو اھي ووٽ ڏئي ايوانن تائين پھچائين ٿا. ماچيس کان وٺي ھر شئي تي ٽئڪس ڏين ٿا پر بدلي ۾ انھن کي زندگي جي مشڪل ترين دور ۾ حڪومت 2 وقت جي ماني به نه ڏئي رھي آھي. ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ مظھر راھوجو، ڊاڪٽر گلزار جماڻي، الطاف خاصخيلي، شوڪت سريوال، خادم سمون، درشن سچديو، آزاد ميرواھي، رفيق ڪنراڻي، نظير بليدي ۽ معشوق چانڊيو گڏ ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button