پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ گوڙاڻي ڊيم جي متاثرن جو احتجاجي ڌرڻو، نعريبازي

اسلام ڪوٽ: گوڙاڻي ڊيم جي متاثر عورتن، مردن ۽ ٻارڙن ڪالهه پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي، ڌرڻو. خبر موجب ٿرڪول بلاڪ ٽو جي کاڻين مان نڪرندڙ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لاءِ ڳوٺ گوڙاڻو ۾ ٺاهيل ڊيم سبب متاثر ٿيل ڳوٺ سليمان حجام جي رهواسي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن اينگرو ڪمپني جي زيادتين خلاف اسلام ڪوٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آهي، جتي ڪالھه ٽيئن ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي حرمي ٻائي، حسينت ٻائي، رڪائي ٻائي، ابراهيم حجام، عارب حجام، عرس حجام ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گوڙاڻي ڊيم سبب متاثر ٿي ٻئي هنڌ عارضي طور ويٺل آهيون، اينگرو ڪمپني مسلسل شروع کان وٺي مسئلا حل ڪرڻ جا واعدا ڪيا، معاوضي جي رقم سميت گهر ٺاهي ڏيڻ جا واعدا ڪيا ويا، جنهن مان ڪنهن هڪ تي به عمل ٿي ناهي سگهيو، اينگرو ڪمپني حقيقي متاثرن کي معاوضي واري رقم ۾ شامل ناهي ڪيو، اسان کي ڪابه سهولت ناهي ڏني وئي، من پسندن کي معاوضي واري لسٽ ۾ شامل ڪري اسان کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button