بدين: ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان ڪالهه تعلقي بدين ۽ تعلقي شهيد فاضل راهو جي چيمبر آف ڪامرس جي نمائندن سان پنهنجي آفيس ۾ هڪ گڏجاڻي ڪئي. جنهن ۾ هن چيمبر آف ڪامرس جي وفد کي ضلعي انتظاميا سان گڏجي ٻوڏ متاثرن جي سهائتا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. جنهن تي چيمبر آف ڪامرس جي وفد پنهنجي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو. ڊي سي بدين ان موقعي تي ضلعي فوڊ ڪنٽرولر کي هدايت ڪئي ته هو فوري طور تي شاهين فلور ملز سان لهه وچڙ ۾ اچي روزاني جي بنيادن تي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 90 رپيا في ڪلو جي حساب سان اٽي جي وڪرو جا اسٽال لڳائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ۽ تمام فلور مالڪن کي پڻ ان ڳالهه جي ترغيب ڏئي ته اهي هن ڏکي مهل ۾ ٻوڏ متاثرن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجن اٽي جي چڪين تي رعايتي اگهن تي اٽو وڪرو ڪرڻ جا اسٽال لڳائين. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جي سربراهي ۾ امدادي سرگرمين جي نگراني لاءِ پڻ هڪ ڪميٽي جوڙي، جيڪا سمورن متاثر علائقن ۾ امدادي سامان جي فراهمي کي يقيني بڻائيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close