پاڪستانپنجاب

عمران خان خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل

لاهور: لاهور جي مقامي عدالت ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف فوج بابت بيان ڏيڻ تي بغاوت جي ڪيس جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. ايڊيشنل سيشن جج شهري شيخ مظفر حسين جي درخواست تي شنوائي ڪئي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عمران خان 4 سيپٽمبر جي جلسي ۾ خطاب ڪندي فوج بابت خطرناڪ بيان ڏنو، عمران خان بيان ذريعي حساس اداري ۾ بغاوت ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان جي فوج سپاهي کان وٺي چيف تائين سڀئي محب وطن آهن، عمران خان جي بيان سان جذبا مجروح ٿيا. درخواست ۾ گذارش ڪئي وئي آهي ته عدالت سمن آباد پوليس کي عمران خان خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي. عدالت سمن آباد پوليس کان 10 سيپٽمبر تي رپورٽ طلب ڪري ورتي. واضح رهي ته عمران خان فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پاڪ فوج جي سربراهه جي مقرري جي حوالي سان هڪ تڪراري بيان ڏنو هو جنهن تي پاڪ فوج شديد ردعمل ظاهر ڪيو هو جڏهن ته وزيراعظم، ڪابينا جي ميمبرن، سياسي اڳواڻن ۽ صدر عارف علوي به شديد تنقيد ڪئي هئي. صدر پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته عمران خان پنهنجي بيان بابت پاڻ ئي وضاحت ڪري سگهي ٿو، حڪومت کان وٺي سمورا رياستي ادارا ۽ انهن ۾ ڀرتي ٿيندڙ ماڻهن جي حب الوطني تي شڪ نٿو ڪري سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button