ڪشمور جي ڪالوني نمبر ون جو رهواسي نادر علي سولنگي گم ٿي ويو، وارثن نوجوان جي اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڪشمور جي ڪالوني نمبر ون جو رهواسي نادر علي سولنگي گم ٿي پيو، وارثن نوجوان جي گمشدگي خلاف ديرا موڙ ۾ پيش امام زبير احمد سولنگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي زبير احمد سولنگي دانهيندي چيو ته گذريل ڏينهن ڀاءُ نادر علي ڪالوني کان ديرا موڙ اچي رهيو هو ته رستي ۾ گم ٿي ويو. سندس موبائيل نمبر به بند پيل آهي، ڳولا ڪرڻ باوجود ڪٿان ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. نوجوان جي گمشدگي بابت گڊو ٿاڻي تي اطلاع ڏنو آهي. هن چيو ته اسان جو خانداني زمين ۽ ملڪيت تي گل شير سولنگي، اڪبر علي سولنگي، محمد احسن سان جهيڙو هلندڙ آهي. اسانکي شڪ آهي ته منهنجي ڀاءُ کي انهن ئي اغوا ڪرايو آهي. هن ايس ايس پي ڪشمور، ڊي پي او رحيم يار خان ۽ ٻين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close