ڏوڪري ۾ پورهيت جي تذليل ۾ تشدد ڪرڻ واري معاملي جو ايس ايس پي آصف رضا بلوچ نوٽيس وٺي ڇڏيو. تشدد جو شڪار ٿيل پورهيت قربان چانڊيو جو ڪيس ڀاءُ جاويد علي چانڊيو جي فرياد تي 10 جوابدارن خلاف ڏوڪري ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. واقعي ۾ ملوث 3 جوابدارن لياقت گاڏهي، بابر گاڏھي ۽ خادم گاڏھي کي ڏوڪري پوليس گرفتار ڪري ورتو. ڏوڪري ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد مڱريو ٻڌايو ته پورهيت قربان چانڊيو جي ڀاءُ جاويد چانڊيو جي فرياد تي 10 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. هن چيو ته تذليل ۽ تشدد جي واقعي ۾ ملوث 3 جوابدارن لياقت گاڏهي، بابر گاڏھي ۽ خادم گاڏھي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، ڪيس ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. ڊي ايس پي ڏوڪري ٻڌايو ته ايس ايس پي واقعي جو نوٽيس وٺي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close