سنڌ

لاڙڪاڻي واسي برسات متاثر پورهيت جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي دعا ڪالوني جي رهواسي برسات متاثر پورهيت گهر ڀاتين سان گڏجي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت محمد اسماعيل شيخ دانهيو ته اسان جو گهر ڪِري پيو، جنهن بعد منهنجو پي علي گوهر شيخ صدمي ۾ فوت ٿيو پر سنڌ سرڪار توڙي انتظاميا هن وقت تائين اسان جي واهر ناهي ڪئي. هن چيو ته بيروزگاري واري زندگي گذاري رهيا آهيون جنهن ڪري معصوم ٻارڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، مون ڪيترائي ڀيرا ضلعي انتظاميا کي واهر لاءِ ڪرڻ لا چيو پر هن وقت تائين ڪنهن به منهنجي مدد ناهي ڪئي. هن بلاول ڀٽو، وڏي وزير، فريال ٽالپر، سهيل انور سيال ۽ ٻين کي اپيل ڪئي ته واهر ڪري مالي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button