پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي ۾ پاڻي چاڙهه سبب 3 ڳوٺ ٻڏي ويا، 2 سئو گهر پٽ

عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاهه هڙي ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ پاڻي ۾ مسلسل چاڙهه سبب يوسي ميل موري جا قديمي ڳوٺ ونھيل ٿيٻو، پانڌي ٿيٻو ۽ بوبڪ ٿيٻو ٻڏي ويا، جنھن ڪري مقامي ڳوٺاڻن جا 200 کان وڌيڪ ڪچا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا ۽ پڪن گهرن کي به ڏار پئجي ويا، جنھن ڪري ڳوٺن جي متاثرن جي ھن وقت واھر ناهي ڪئي. ڳوٺ ونھيل ٿيٻو جي رهواسي عبدالعزيز عرف پانڌي ٿيٻو صحافين کي ٻڌايو ته مون کي افسوس آهي ته ضلعي ٽنڊوالهيار جي انتظاميا جي عملدارن تي جن ھن وقت تائين برسات متاثرن جي ڪنهن به قسم جي ڪابه واهر نه ڪئي آهي ۽ بي گھر ماڻهو روڊن رستن تي بي يارو مددگار بڻيل آهن ۽ جنھن ڪري علائقي مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري وبائي بيمارين جي ڦھلجڻ ڪري چوپايو مال مري رهيو آهي، ڳوٺ بوبڪ ٿيٻو مڪمل طور ٻڏي چڪو آھي، جنھن ۾ 400 خاندان ڳوٺ مان نقل مڪاني ڪري محفوظ ھنڌن ڏانهن ھليا ويا آھن، ٻيا ڪيترائي خاندان ڦاٿل آهن. ان سلسلي ۾ متاثرن چيو ته اسان کي محفوظ ھنڌن ڏانهن منتقل ڪري راشن ۽ ٻيون سھولتون ڏنيون وڃن. ٻئي طرف ڳوٺ پانڌي ٿيٻو ۾ 100 کان گهر ڊهڻ سبب سئو خاندان بي گھر ٿي ويا آھن، برسات متاثرن ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته يوسي ميل موري جي سمورن ڳوٺن مان برساتي پاڻي ڪڍي امداد ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button