پاڪستانسنڌ

نوشهروفيروز ۾ چونڊيل نمائندن خلاف برسات متاثرن جو مظاهرو

نوشهروفيروز: نوشهروفيروز تعلقي جي آسپاس جي يونين ڪائونسلن ابڙان، وڳڻ، نورپور، ڀرنڊ ۽ ٺٽ ڳوراهو جي سوين ڳوٺن جي رهواسين تڪ جي ايم پي اي ممتاز چانڊيو خلاف گدا حسين خاصخيلي، اياز علي راڄپر، وزير علي کوسو، مراد وڳڻ، محمد قاسم جهنڊير ۽ سليمان سولنگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته تازو آيل برساتن کان پوءِ تعلقي نوشهروفيروز جون سموريون يونين ڪائونسلون تمام گهڻو متاثر ٿيون آهن، پر هتان جي رهواسين جي ڪير مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڇو ته اسان جي تڪ جو ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو ۽ ايم اين اي ذوالفقار بهڻ آهن، جن کي سنڌ حڪومت پاران مليل راشن ڊي سي نوشهروفيروز پاران ڏنو ويو آهي، پر پو به اهي سار لهڻ لا تيار ناهن. هنن چيو ته اسان ٻڏي رهيا آهيون ۽ اسان جا چونڊيل نمائدا نظر نٿا اچن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button