پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ ٽينٽ سٽي قائم، 250 ماڻهن کي رهايو ويو

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار ۾ ڊپٽي ڪمشنر ولي محمد بلوچ، اسسٽنٽ ڪمشنر شيراز لغاري ۽ مختيارڪار سجاد شفقت شر برسات سبب بي گهر ۽ متاثر ٿيل ماڻهن کي رليف ڏيڻ لا حيدرآباد-ميرپورخاص بائي پاس روڊ تي ٽينٽ سٽي قائم ڪئي، جتي 27 ٽينٽ لڳائي 250 کان وڌيڪ عورتن، مردن ۽ ٻارن کي رهايو ويو، ٽينٽ سٽي ۾ بجلي، کاڌي پيتي ۽ ميڊيڪل ڪئمپ جو بندوبست ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊي سي ولي محمد بلوچ، اي سي شيراز لغاري ۽ مختيارڪار سجاد شفقت شر ٽينٽ سٽي جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ جهنڊو مري ۽ چمبڙ تعلقو سخت متاثر ٿيا آهن، اسان ٻين هنڌن تي به ٽينٽ سٽي قائم ڪرڻ لا تيار آهيون، پر اڪثر علائقن جا متاثر ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي ڪئمپن ۾ رهڻ کي پسند نٿا ڪن. هنن چيو ته اسان مختلف علائقن ۾ راشن ۽ صاف پاڻي فراهم ڪري رهيا آهيون، ڪيترن ئي ماڻهن کي ٽينٽ ڏنا آهن، ميڊيڪل ٽيمون به برسات متاثر علائقن ۾ وڃي ماڻهن جو علاج ڪري رهيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button