پاڪستانسنڌ

سرهاڙي لڳ همراهه ڪارنهن الزام ۾ ڌي قتل ڪري ڇڏي

سرهاڙي: سرھاڙي لڳ ڪارنهن الزام هيٺ همراهه پنهنجي ڌي کي قتل ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب سرھاڙي لڳ ڳوٺ حاجي مسافر خان بروهي ۾ ڪارنهن الزام ھيٺ همراهه پنهنجي 18 سالن جي ڌي عظمى بروھي کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي وئي، جنهن جوابدار علي بخش بروهي کي گرفتار ڪري پسٽل هٿ ڪري ورتو. بعد ۾ پوليس ڇوڪري جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال شهدادپور آڻدو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لا شهدادپور تعلقي اسپتال پهچايو، عظمى بروھي کي قتل ڪندڙ جوابدار علي بخش بروهي کي گرفتار ڪيو آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن ڇوڪري جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button