ٽنڊوباگو: ٽنڊوباگو ۽ ڏيئي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سينٽرن تي رقم مان ڪٽوتي خلاف مستحق عورتن ڌرڻو هنيو. خبر موجب برسات متاثر عورتن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ملندڙ پئسن مان ٽنڊوباگو ۽ ڏيئي سينٽرن تي في عورت کان 1500 کان 2000 رپين تائين ڪٽوتي ۽ رجسٽريشن نه ٿيڻ خلاف سوين مستحق عورتن ڏنڊا ھٿن ۾ کڻي رضيا، نوربانو ۽ حاجاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري ٽنڊوباگو ۾ مڇي مارڪيٽ وٽ ڌرڻو ھڻي ٽنڊوباگو-بدين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. جنهن ڪري ٽريفڪ معطل رهي. ان موقعي تي عورتن جو چوڻ هو ته سينٽرن تي ڊوائيسز وارن جا ايجنٽ موجود آهن، جيڪي سينٽرن جي ٻاهران پھرين عورتن سان 1500 کان 2000 رپين جي ڪٽوتي جي ڊيل ڪن ٿا، تنهن کانپو انهن عورتن کي اندر ويٺل ڊوائسز وارا پئسا ڏين ٿا.
جيڪي ٻاھر اچي ڪٽوتي ڏين ٿيون، باقي ٻين عورتن کي مختلف بھانا ٻڌائي واپس روانو ڪري ڇڏين ٿا. ھنن چيو ته ٽنڊوباگو ۾ بي آ ايس پي سينٽر ۾ رجسٽريشن لا رشوت طلب ڪئي پئي وڃي، نه ڏيڻ تي رجسٽريشن نٿي ڪئي وڃي، جڏهن ته سينٽر اندر ھر عورت کان 2000 ھزار رپيا ڪٽوتي ڪرڻ تي ڏيئي ٿاڻي جي پوليس محبوب علي جروار نالي ڊوائيس ھولڊر تي فراڊ جو ڪيس داخل ڪري کيس جيل موڪلي ڇڏيو آٓهي.