پاڪستانسنڌ

ڀٽ شاهه ۾ پڙي ٽيڪس نالي تي غيرقانوني 50 روپيا اوڳاڙي

ڀٽ شاھه: ڀٽ شاھه ۾ پڙي ٽيڪس نالي تي دڪاندارن، اسٽالن ۽ ريڙھن کان روزاني غيرقانوني 50 روپيا اوڳاڙي شروع ڪئي وئي آھي، بنا ڪنھن ڪوٽيشن جي فرضي نالن تي غيرقانوني طور تي فٽ پاٿن تي لڳل اسٽال ۽ ريڙھي وارن کان ٽائون ڪميٽي جي نالي تي 50 روپيا وصول ڪيا پيا وڃن. پئسن جي وصولي به من پسند ماڻھن حوالي ڪئي وئي آھي. جنھن ڪري دوڪاندار ۽ ريڙھن تي پنھنجي ٻچن جو گذر سفر ڪندڙ مزدور طبقو پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويو آھي. شھرين امير علي، ايڊووڪيٽ ڪريم ڏنو وساڻ، زاھد عمراڻي، عادل راجپوت، رمضان علي، جاويد علي، علي عباسي ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائٔيندي چيو تـ ظلم جي انتھا آھي ھڪ پاسي غيرقانوني طور تي پڙي ٽيڪس جي نالي تي نيوسعيدآباد جي پرچي استعمال ڪري ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي ته ٻئي پاسي پرچي تي 10 روپيا لکيل آھن ۽ وصول 50 روپيا ڪيا پيا وڃن.

ھنن چيو ته پڙي ٽيڪس جو قانوني طريقي سان ڪوبه ٺيڪو نه ٿيو آھي، چونڊيل نمائٔندن جي خاص ماڻھن جي چوڻ تي ڀٽ شاھه ۾ اوڳاڙي ٿي رھي آھي، جنھن جو ڪوبه رڪارڊ موجود نه آھي. فوري طور ڀٽ شاھه ۾ غير قانوني طور تي پڙي ٽيڪس اوڳاڙي جو نوٽيس وٺڻ گھرجي. ٻئي پاسي رابطي ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر ھالا مظاھر علي ٻرڙو جو چوڻ آھي ته ڀٽ شاھه ٽائٔون آفيسر کان معلومات ورتي آھي، جنھن ٻڌايو ته اسان جي طرف کان ڪوبه ٽيڪس نه ورتو پيو وڃي. ھن چيو ته آئٔون وڌيڪ ان مامري جي جاچ وٺان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button