اسلام آباد :صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته پي ايم سي، ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان ايندڙ حڪم تائين ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پورٽل کي وڌيڪ ٻن هفتن لاءِ کوليو ويو آهي، جيڪي شاگرد رجسٽريشن ڪرائڻ کان رهجي ويا آهن، اهي پنهنجي رجسٽريشن مڪمل ڪرائين. هاڻي ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان صوبن جي مشاورت سان ٿيندو. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ميڊيڪل ڪيمشن (پي ايم سي) وجود ۾ اچي چڪو آهي جنهن جو پهريون اجلاس اربع ڏينهن منعقد ٿيو. پروفيسر نوشاد شيخ پي ايم سي جو نئون صدر چونڊجي ويو آهي. هن چيو ته اهو وڏو مسئلو هو جنهن جو آخرڪار حل نڪري ويو آهي. هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ وزيراعظم شهباز شريف پنهنجا اختيار استعمال ڪندي پي ايم سي کي تحليل ڪيو هو ۽ ان لاءِ سرچ ڪميٽي بڻائي هئي. سرچ ڪميٽيءَ طرفان سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون. اشتهار ذريعي پوري ملڪ مان طبي ماهرن کي گُهرايو ويو، هن چيو ته 100 جي لڳ ڀڳ انتهائي قابل ماهرن اپلاءِ ڪيو ۽ عمل پورو ٿيو. هاءِ نمبرن وارن جي فهرست وزيراعظم کي اُماڻي وئي ۽ ان منظوري ڏني. هن چيو ته پورٽل کي وڌيڪ 2 هفتن لاءِ کوليو ويو آهي ته جيئن جيڪي شاگرد رجسٽريشن کان رهجي ويا آهن اهي پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي سگهن. هاڻي ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان صوبن جي مشاورت سان ٿيندو. هن چيو ته پاسنگ شرح کي ايم بي بي ايس 65 سيڪڙو ۽ بي ڊي ايس لاءِ 55 سيڪڙو هئي، هاڻي ٻنهي ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ايم بي بي ايس لاءِ 55 سيڪڙو ۽ بي ڊي ايس لاءِ 45 سيڪڙو شرح رکي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close