اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله هڪ شنوائي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته غائب ماڻهو بازياب نه ٿيا ته وزيراعظم جواب ڏيندو. اربع تي چيف جسٽس اطهر من الله اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آئي اڳواڻ شيرين مزاري جي گرفتاري جي خلاف ڪيس جي شنوائي ڪئي، جنهن دوران اٽارني جنرل اشرف اوصاف عدالت ۾ پيش ٿيو. هاءِ ڪورٽ شيرين مزاري جي گرفتاري خلاف ڪيس ۾ اٽارني جنرل کي مناسب قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته اٽارني جنرل صاحب 9 سيپٽمبر تي غائب ماڻهن جو ڪيس مقرر آهي. اميد آهي ته 9 سيپٽمبر کان پهريان غائب ماڻهو بازياب ٿي ويندا ٻي صورت ۾ وزيراعطم جوابدا هوندو. چيف جسٽس چيو ته عدالت نٿي چاهي ته معاملو ان حد تائين پهچي هي عدالت ڪيس وفاقي ڪابينا کي اماڻيندي رهي. جڏهن ته اهي ڪجهه نٿا ڪن، اسلام آباد ۾ ماڻهو محفوظ نه آهي. هي عدالت اختيارين جي ورڇ تي يقين رکي ٿي، ايگزيڪيوٽو جي معاملن ۾ مداخلت نٿي ڪري. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته ڇا ڪوئي سول چيف ايگزيڪيوٽو چئي سگهي ٿو ته اهو بي وس آهي. هي عدالت انويسٽيگيشن نه ڪندي، نه هي ان عدالت جو ڪم آهي. انويسٽيگيشن ايگزيڪيوٽو جو ڪم آهي ۽ ان کي ئي ڪرڻو آهي، اوهان چئون ٿا ته اوهان پاڻ به متاثر رهيا آهيو ته اوهان جي حڪومت کي ته وڌيڪ ڪم ڪرڻ گهرجي. اهڙا ٽي او آرز بڻايو جو ٻيهر ڪوئي اهو نه چئي سگهي ته ان کي کنڀيو ويو يا ان تي ٽارچر ٿيو. آواز اٿاريندڙ تي ٻڌل ڪميشن بڻايو، هي بيورو ڪريٽس جو ڪم ناهي رهيو. اوهان يقيني بڻايو ته ڪوئي لاقانونيت جي شڪايت ڪري عدالت نه اچي. ڪوئي اچي نه چوي ته ان کي غيرقانوني طور تي کنڀيو ويو يا ان تي ٽارچر ڪيو ويو. هن چيو ته بيماري اها آهي جو پاور ۾ ويٺل شخص پاور جي غلط استعمال کي انجواءِ ڪري ٿو. بيماري اها آهي جو اپوزيشن ۾ جيڪو برو چيو وڃي ٿو، حڪومت ۾ اچي اهو ئي ڪيو وڃي. پي ٽي ايم ڪيس ۾ چيو هو ته هاڻي بغاوت جو ڪيس نه ٺهي، اٽارني جنرل صاحب اهو ڪيس به بڻجي ويو آهي. هاءِ ڪورٽ اٽارني جنرل کي مناسب قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ايندڙ شنوائي تي عدالت کي ٻڌايو ته ڪميشن بڻائي رهيا آهيو يا ڇا ڪري رهيا آهيو، ان تي لکت آرڊر به جاري ڪريو. تشدد ۽ غيرقانوني قدم ختم ڪرڻ لاءِ ڇا ڪرڻو آهي، ايندڙ شنوائي تي اهو به ٻڌايو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close