پاڪستانسنڌ

سنڌ سرڪار پاران متاثرن جي واهر نه ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ جا مظاهرا

مٺي/ڊگهڙي: سنڌ سرڪار پاران ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ پاران مظاهرا ڪيا ويا. مٺي ۾ مٺي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، ڪشمير چوڪ تي ڌرڻي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جون عورتون به وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيون، ڌرڻي سبب روڊ بلاڪ ۽ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، احتجاج دوران اوڀايو جوڻيجو، وسند ٿري، اياز کوسو، شازيه جوڻيجو، عمر بجير، اي بي چارو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي ٿر خلاف نعريبازي ڪئي وئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثر ٿر جي کليل ميدانن تي بکن ۽ بيمارين جي ور چڙھي دربدر آھن، ڊي سي ٿر حفيظ سيال ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪرڻ بدران ڪروڙين رپيا ڪوڙن ووچرن ذريعي هڙپ ڪرڻ لا ڪاغذي رڪارڊ ٺاهڻ ۾ مصروف آھي. اسان بار بار ملڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڊي سي ٻوڏ متاثرن سان ملڻ لا به تيار ناهي، ٿر سميت پاڙيسري ضلعن جا هزارين ٻوڏ متاثرن ٿر ۾ پناهه ورتي آھي، جن جي ڪير به مدد ڪرڻ لا تيار ناهي. هوڏانهن ڊگهڙي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف منير نوحاڻي، علي رضا نوحاڻي، امجد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي. اڳواڻن چيو ته يوسي صوفن شاھه جي سوين ڳوٺن ۾ ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، متاثر روڊن رستن ۽ شاخن جي ڪپرن تي پناهھ وٺي آسمان هيٺ ويٺل آهن، پر سنڌ سرڪار سندن ڪا واهر ناهي ڪئي. هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته برسات متاثرن جي واهر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button