سنڌ

ميرو خان ۾ ٽائون ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي خلاف احتجاج

ميرو خان ۾ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن پگهارن مان ناجائز ڪٽوتيون ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. ٽائون ملازمن مصب گوپانگ، اورنگزيب ابڙو، اسحاق ڀٽي، حسن سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون آفيس جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي. ان موقعي تي ملازمن جو چوڻ هو ته هڪ پاسي برساتن ۾ گهر ڊهي پيا آهن ۽ تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي ته ٻئي پاسي واري ٽائون انتظاميا پاران پگهارن مان اڌ تي اڌ ڪٽوتي ڪري سراسر ناانصافي ڪئي وئي آهي. هنن ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته ڪٽوتيون ڪيل پگهارو واپس ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻي طرف رابطو ڪرڻ تي ايڊمنسٽريٽر شڪيل احمد وسطڙو ٻڌايو ته ٽائون ۾ ٽوٽل ملازم 400 کان وڌيڪ آهن، جڏهن ته ماهوار بجيٽ گهٽ آهي ۽ برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ تي گهڻو خرچ ٿيو آهي. هن چيو ته ملازم ۽ خرچ وڌيڪ ۽ بجيٽ گهٽ آهي جنهن ڪري گوسڙو ۽ ڊيوٽيون ڪرڻ بدران گهر ويٺي پگهارون کڻندڙ ملازمن جي پگهارن مان مناسب ڪٽوتي ڪئي آهي، باقي ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن کي مڪمل پگهار ڏني وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button