سنڌ

قمبر ۾ ڳوٺاڻن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو

قمبر جي ڳوٺ گهٽهڙ جي رهواسين معصوم ٻارڙن سميت پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته اسان جي معصوم پٽ سان ڳوٺ جي مولوي بدفعلي ڪئي، جنهن جي دانهن جماعت جي اڳواڻن کي ڏني پر اسان سان انصاف نه ٿيو ويتر ڏاڍ ڪري اسان جي گهرن ۾ ڪاهه ڪري بااثرن اسان کي ۽ عورتن کي ڏنڊا سرون هڻي شديد زخمي ڪيو، جنهن جي دانهن حد جي ٿاڻي ڏني پر پوليس ۽ ڊاڪٽرن ڳري رشوت عيوض اسان جو ڪيس لوڙهي ڇڏيو جيڪو سراسر ظلم آهي. هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button